سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري

سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري (ڪتاب): سنڌي ٻوليءَ جي اديبن، عالمن ۽ شاعرن بابت معلومات ۽ سندن تصنيفن جي تفصيل تي ٻَڌل هي ڊائريڪٽري، نومبر 1974ع ۾ ڇپجي منظر عام تي آئي. ان وقت هن قسم جي اها پهرين ڊائريڪٽري هئي.
هن جو مرتب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ڊائريڪٽر انچارج ڊاڪٽر غلام علي الانا هو ۽ سندس ٻانهن ٻيلين ۾ شهزادو گلفام، مولانا محمد صديق سنڌي، غلام مصطفيٰ بلوچ ۽ گلشن بلوچ شامل هئا.
هيءَ ڊائريڪٽريبين الاقوامي ڪتاب سال‘ جي پاڪستان لاءِ جوڙيل ڪميٽيءَ جي سهڪار سان، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ريسرچ سيل ۾ تيار ٿي. پاڪستان سرڪار 1972ع واري سال کي ’بين الاقوامي ڪتابي سال‘ قرار ڏنو هو ۽ ملڪ جي هر وڏي شهر ۾ ’ڪتاب‘ عنوان هيٺ سيمينارن ۽ ڪتابن جي نمائشن جو اهتمام ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پهريون ڀيرو سنڌي زبان ۾ پڻ ’ڪتاب‘ جي عنوان هيٺ پاڪستان سينٽر حيدرآباد ۾، سنڌي ادبي بورڊ ۽ مرڪزي ڪميٽيءَ جي اشتراڪ سان هڪ سيمينار ٿيو هو. وفاقي حڪومت اردو ۽ انگريزيءَ سان گڏ سنڌي زبان کي پهريون ڀيرو تسليم ڪري، مختلف سنڌي لغتن ۽ ڪتابن جي تياريءَ سان گڏ هيءَ ڊائريڪٽري تيار ڪرائي ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو.
سنڌي ليکڪن جي هن ڊائريڪٽريءَ ۾ الف- ب ترتيب سان نالا شامل ڪيا ويا آهن.
ڪتاب جو انتساب مرتب پنهنجي مرحوم دوست ۽ ڪهاڻيڪار عبدالغفور انصاريءَ جي نالي ڪيو آهي.
هي ڪتاب 251 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي آخري صفحي تي ڀُل نامو به ڏنل آهي، پر جيئن ته هيءَ ڊائريڪٽري تڙ تڪڙ ۾ تيار ڪئي وئي هئي، ان ڪري ان ۾ ڪافي داخلائون کٽل آهن ۽ ڪجهه اڻپوريون ۽ غلطين سان ڀرپور رهجي ويون آهن.
هيءَ ڊائريڪٽري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شوري، نومبر 1974ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو